عمران خلاف سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڌمڪين واري پوسٽ تي ڪيس

اسلام آباد (م ڊ): ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڌمڪين وارين پوسٽن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسرن تي ٻڌل هڪ چار رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا عمران خان کان پڇا ڳاڇا لاءِ اڊيالا جيل وڃي معاملي جي جاچ ڪندي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ايف آءِ اي پي ٽي آءِ باني جي پوسٽ جي جاچ ڪري رهي آهي، هن چيو ته عمران خان سوشل ميڊيا تي رياست خلاف پوسٽ ڪئي آهي، هن پاڪستان جي سالميت خلاف مواد لڳايو آهي. هن فوج ۽ عدليه کي ٽارگيٽ ڪيو آهي، ان لاءِ ايف آءِ اي ٽيم اڊيالا جيل پهچي وئي آهي، جيڪا هن کان پڇا ڪندي ته اڪائونٽ ڪٿان هلي رهيو آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.