گنڊاپور الڳ پرڏيهي پاليسي ڏئي وفاق کان عليحدگيءَ جو اعلان ڪيو آهي

اسلام آباد( مبشر لقمان) خيبر پختون خواهه جي علحدگيءَ جي سازش جا سرا ست سمنڊ پار وڃي ملن ٿا، خيبر پختون خواهه جي تبديلي سرڪار خيبرپختون خواهه جي هڪ وفاقي يونٽ هوندي به ملڪ جي آئين کان بغاوت ڪندي هڪ وڌيڪ ريڊ لائن پار ڪري ڇڏي آهي. خيبرپختون خواهه جي وڏي وزير گذريل ڏينهن پشاور پهچڻ بعد پنهنجي صوبي جي الڳ  سان پرڏيهي پاليسيءَ ڏيندي ان تي عمل به ڪري ڏيکاريو آهي، هُن پشاور ۾ افغان قونصليٽ جنرل سان ملاقات ڪري خيبرپختون خواهه ۽ وفاق جي وچ ۾ ورهاڱي جي هڪ ديوار قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي واردات جو هميشه اهڙو ئي طريقو رهيو آهي، پي ٽي آءِ پهريان قومي سياست کي زهريلو ڪيو، ان بعد عوام وچ ۾ ورهاست پيدا ڪئي ۽ هاڻي وفاق جي خلاف  سازشون ڪري رهيا آهن، پر اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ اِهي سوال ضرور پيدا ٿي رهيا آهن ته آخر ڪار پي ٽي آِ جي ايجنده ڪهڙي آهي، انهن جو مقصد ڇا آهي ۽ سندن سهولت ڪار ڪير آهي. پاڪستان جي سلامتي، وفاق جي سلامي ۽ رياست جي سلامتيءَ لاءِ پي ٽي آءِ ۽ علي امين گند پور کي روڪڻو پوندو. وفاقي سرڪار ۽ اسٽبلشمينٽ پي ٽي آءِ جي اهڙي سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وزير اعظم هائوس ۽ ايوان صدر کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.جڏهن ته علي امين گنڊه پور ۽ پي ٽي آءِ جي خلاف جيڪا به ڪارروائي ڪئي ويندي اها قانون ۽ آئين جي حدن اندر  رهي ڪئي ويندي، ۽ اسٽبلشمينٽ اهڙي ڪارروائي جي هر قيمت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

علي امين گنڊاپور کي لائين ڪراس نه ڪرڻ جي وارننگ

اسلام آباد (نجم سيٺي): خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي 8 سيپٽمبر واري جلسي کانپوءِ  پراسرار گمشدگي بعد معلوم ٿيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ کيس گهرائي سمجهايو ته ايترو سخت نه ٿيو، مٿس ڪو به تشدد نه ڪيو ويو هو. کيس لائين ڪراس ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي. علي امين گنڊاپور عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ ٻنهي جو ماڻهو آهي، ان لاءِ هن خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ نه آندي ويندي ۽ هن کي نه هٽايو ويندو. علي امين گنڊاپور عمران خان ۽ خان کي خوش رکي پيو. هن جي هوندي عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ ۾ ڳالهين جا در بند ناهن. پارليامنٽ مان گرفتارين وارو معاملو به حڪومت جي ڳچيءَ ۾ آهي، اسپيڪر اياز صادق تي به اسٽيبلشمنٽ ۽ ن ليگ قيادت ناراض آهي ته هن گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر ڇو جاري ڪيا. اياز صادق تي ن ليگ قيادت جو دٻاءُ آهي ۽ هن پارٽي اڳواڻن کي چيو آهي ته جيڪڏهن هن تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو استعيفي’ ڏيندو ۽ هن جي استعيفي’ شهباز حڪومت جي خاتمي طرف  پهرين وک هوندي.

فيض جي بيانن بعد باجوا ۽ عمران خان خلاف دائرو وڌايو ويندو: خواجه آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورٽ مارشل کي منهن ڏيندڙ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي  بيانن کانپوءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خلاف ڪارروائي جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان علي امين گنڊاپور ذريعي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان کي يقين آهي ته گنڊاپور اسٽيبلشمينٽ سان منهنجي ڳالهين جي شروعات ڪري سگهي ٿو، خواجا آصف چيو ته 9 سيپٽمبر تي علي امين گنڊاپور ڪٿي هو؟ علي امين گنڊاپور اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جا دروازا بند نه ڪيا پر هو ان رات (9 سيپٽمبر ) تي اسٽيبلشمينٽ وٽ موجود هو، هن ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل بابت سوال تي چيو ته فيض حميد جو ڪيس ضرور منطقي انجام تائين پهچندو، هن دعويٰ ڪئي ته جنرل فيض حميد جي بيانن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوه خلاف دائرو وسيع ڪيو ويندو، فوج فيض حميد کي تحويل ۾ ورتو آهي ته هو عمران خان بابت ۽ جنرل باجوا بابت ڇا چئي رهيو آهي، ان کانپوءِ ئي انهن ٻنهي ماڻهن جو دائرو وسيع ٿيندو، هن چيو ته فيض صاحب هن وقت جنهن دائري ۾ آيو آهي ان کي جيڪڏهن وسيع ڪيو وڃي ته پوءِ سڀ ڪجهه فيصلي تي منحصر آهي، ايندڙ چيف جسٽس جي حوالي سان بچاءَ واري وزير چيو ته حڪومت کي جسٽس منصور علي شاهه جي چيف جسٽس ٿيڻ تي ڪا به ڳڻتي ناهي، هن وقت جيڪي به معروضي حالتون آهن، جيڪو وڏي سيٽ تي ويهندو اهو آئين ۽ پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، هن چيو ته جسٽس منصور علي شاهه کان اها اميد آهي ته هو پنهنجي ذاتي خواهشن ۽ همدردن کي ڊڪٽيٽ نه ڪندو.

ڪي پي ۾ بغاوت وڌي رهي آهي، افغانستان سان ڳالهيون ڪريو: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين بابت علي امين گنڊاپور جي اعلان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته جيستائين افغانستان سان لاڳاپا درست نه ٿيندا تيستائين اسان دهشتگردي ۾ ڦاٿل رهنداسين، ڪالهه جمعي ڏينهن اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي کانپوءِ  صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته جڏهن ملڪ ۾ وفاقي حڪومت ۽ پرڏيهي آفيس آهي ته صوبائي حڪومت ڪنهن ٻئي ملڪ سان سڌي ڳالهه ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ ان تي عمران خان چيو ته پرڏيهي آفيس کي ڇڏي ڏيو، خيبرپختونخواهه دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، عمران خان چيو ته اهي ماڻهو علي امين گنڊاپور جا پير پڪڙين ۽ خدا جي واسطي افغانستان وڃي ڳالهيون ڪن. هن چيو ته دهشتگردي ڳالهين کانسواءِ ختم نٿي ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ڪو به ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، عمران خان دعويٰ ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار پوليس اهلڪار مارجي ويا آهن، معاملو بغاوت تائين پهچي ويو آهي، پوليس هر هنڌ احتجاج ڪري رهي آهي.عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن گم ڪيو، ڪنهن کي به خبر ناهي ته هو ڪيڏانهن ويو آهي.عمران خان چيو ته سڀني کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ ماڻهن کي ڪير کنڀي ٿو، علي امين گنڊاپور لڄ رکي آهي ان ڪري هو نه ڳالهائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.