اسپيڪر پي ٽي آءِ جي گرفتار ميمبرن جي لاجز کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 10 گرفتار ميمبرن جي لاجز کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صحيح کانپوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبرن کي 9 سيپٽمبر جي رات پارليامينٽ هائوس مان گرفتار ڪيو ويو هو.

  1. افغانستان بابت وزيراعظم جي خاص مددگار آصف دراني استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي افغانستان بابت خاص مددگار آصف دراني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذريعن  موجب آصف دراني مئي 2023ع ۾ افغانستان لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار جو عهدو سنڀاليو. آصف دراني جي استعيفيٰ کانپوءِ افغانستان لاءِ پاڪستان جي خاص نمائندي جو عهدو خالي ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.