اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جڏهن ڳالهايو ته جواب ٻڌڻ جي همت رکو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اسيمبلي جي فلور تي پوائنٽ آف آرڊر نه مليو، ان ڪري هو هتي ڳالهائي رهيو آهي. هن بچاءَ واري وزير کي تنبيهه ڪندي چيو ته خواجا آصف پنهنجي ٻولي ٺيڪ ڪري، جڏهن ڳالهائي ته ايتري همت رکي جو جواب به ٻڌي وٺي، اسان دل تي پٿر رکي پارليامينٽ ۾ ويٺا آهيون. هن چيو ته ڪالهه اسپيشل ڪاميٽي ۾ اسان چيو ته خورشيد شاهه کي چيئرمين بڻايو ويو، اسان اپوزيشن ۾ آهيون، اسان مان چيئرمين بڻائي ڇڏيو، اها ڪاميٽي 25 ڪروڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿي. هن چيو ته مان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي به چيو ته ايڪسٽينشن نه وٺو، اسان لاءِ سڀ جج احترام لائق آهن پر ايڪسٽينشن بابت ٽرينڊ سيٽ ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي چيو ته 9 ۽ 10 تي جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو، اهو 9 مئي کان وڏو سانحو آهي، ان تي جيڪا ڪاميٽي ٺهي آهي ان کي گهرجي ته ان معاملي کي سنجيدگي سان توڙ تائين پهچائي.