ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪمرانن قومي مفاد کي ترجيع ڏيڻ بدران پنهنجي ذاتي مفادن مطابق پاليسيون جوڙڻ ڪري ملڪ کي ناقابل يقين نقصان پهچايو آهي، آءِ ايم ايف جي غلامي ۽ آءِ پي پيز جي ظالماڻين معاهدن عوام کي ڏينهن ڏٺي تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن، ملڪ ۾ مهانگائي، بدامني ۽ سياسي توڙي معاشي بحران به ان جو نتيجو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن المرڪزي اسلامي ڪنڊيارو ۾ ممبر سازي واري مُهم جي سلسلسي ۾ نوشهروفيروز ۾اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جي ڪري پارليامينٽ عملي طور رٻڙ اسٽيمپ بڻجي چڪي آهي، ايم اين ايز جي اسيمبلي مان گرفتاريون پارليامينٽ جي توهين، تقدس جي پامالي آهن، جمهوريت جي بالادستي لاءِ اسپيڪر قومي اسمبلي کي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن جماعت اسلامي جي اڳواڻن تي زور ڀريو ته هوءَ ممبر سازي مُهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ گهر گهر عوامي رابطه مُهم ۾ اڃان وڌيڪ تيزي آڻين.