اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو ڪو هڪ فرد نٿو ڪري سگهي، ججن بابت ترميم جهڙي معاملي تي اتفاق راءِ ڪنهن به پارليامينٽ لاءِ چئلينج هوندو آهي، جيستائين اتفاق نه ٿو ٿئي تيستائين ڪا اهم ترميم آڻڻ ۽ ان جي منظوري وٺڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، ان معاملي ۾ زور زبردستي نه هجڻ گهرجي، پارليامينٽ ۾ هر سياسي پارٽي موجود آهي ۽ ڪميٽي ۾ سڀني جي نمائندگي آهي، آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ڪنهن کي به مجبور نه ڪيو وڃي.پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو ڪو هڪ ماڻهو نٿو ڪري سگهي، وڏو فورم ٺهيل آهي اتي ئي فيصلو ٿي سگهي ٿو، پيپلز پارٽي جو موقف پارٽي جي منشور جي مطابق آهي، بلاول ڀٽو چيو ته عدليه ۾ مقرري جو عمل آف دي جوڊيشري، فار دي جوڊيشري، باءِ دي جوڊيشري آهي، آئون ان ۾ هڪ طرفي تبديلي آڻڻ نه ٿو چاهيان، آئون سمجهان ٿو ته ان عمل ۾ تبديلي آڻڻ تمام ضروري آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته جيڪي به فيصلا ٿيندا، اهي جيترو به اتفاق راءِ ٿيندا ته انهن کي اوتري وڌيڪ طاقت ملندي، پ پ چيئرمين چيو ته اسان جي ڪنهن به اداري جو نظام ٺيڪ نه ٿو هلي، جيڪڏهن عدالتن کي ڏسندا ته شهيد ڀٽو کي هاڻي انصاف مليو، سندس ٽئين نسل کي انصاف ڏيڻ لاءِ ججن جو انتظار ڪرڻو پيو، ته پوءِ عام ماڻهو کي ڪهڙي اميد هوندي؟، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ميثاق جمهوريت تي 90 سيڪڙو عمل ڪيو آهي، هن چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ عدليه لاءِ به تجويزون ڏنيون آهن، اهو پارٽي جي منشور جو حصو آهي، هو عدليه کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ چاهين ٿا ته جيئن ڪيسن جو بار ختم ٿئي ۽ عام ماڻهو کي فوري انصاف ملي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته آئيني ترميم بابت ڪميٽي ۾ صرف ڳالهيون ٿيون آهن، پيپلز پارٽي جو موقف هو ته اسان ميثاق جمهوريت جي روح کي ٻيهر بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان ان عمل ۾ مثبت انداز ۾ حصو وٺڻ چاهيون ٿا، بلاول ڀٽو چيو ته سياست ۾ اچڻ جو مقصد حڪومت ۾ نه رهڻ آهي، جيڪڏهن حڪومت ۾ آهيون ۽ مسئلا حل نٿا ڪري سگهون ته پوءِ حڪومت ۾ نه هئڻ گهرجي، گورنر راڄ بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي گورنر راڄ جي حق ۾ ناهي جيڪڏهن مجبوري ۾ گورنر راڄ لڳي ٿو ته اسان 18 هين ترميم ۾ اهڙيون ترميمون ڪيون آهن ته صوبائي اسيمبلي گهڻي وقت تائين گورنر راڄ لڳڻ نه ڏي، اسان 18 هين ترميم آندي ان تي پسٽل تاڻي 19 هين ترميم آندي وئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي جو قومي سلامتي جي معاملي تي به اتفاق نه ٿي رهيو آهي، بلوچستان ۾ جيڪي دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن، خيبرپختونخواهه جي صورتحال ان کان به وڌيڪ خراب آهي، تمام خطرناڪ ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن، ڪي پي جو وڏو وزير پنهنجي ڳوٺ ۾ مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان صورتحال کي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو، هن چيو ته اهو پهريون ڀيرو نظر اچي رهيو آهي ته نه رڳو قومي سلامتي جو سوال آهي پر عوام جي لاءِ امن قائم ڪرڻ به خطري ۾ آهي، پهريون ڀيرو ان معاملي تي سياست ٿي رهي آهي ۽ اتفاق نه ٿي رهيو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال مان هر پاڪستاني مايوس آهي، ڪو به شهري ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته اسان جي سياست ورهائجي وئي آهي، اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته پارليامينٽ کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، قانون سازي ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ گهرجي، جڏهن اسان هتي پهچون ٿا يا عام ماڻهو ٽي وي تي ڏسندو آهي ته کيس نظر ايندو آهي ته نظام نه پيو هلي، هن چيو ته جيڪڏهن اسين اپوزيشن ۾ آهيون ته نيب لاءِ هڪ موقف هوندو آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت ۾ هوندا آهيون ته ٻيو موقف هوندو آهي، جيڪڏهن ڪرپشن جو مقابلو ڪرڻو آهي ته اسان کي نيب سڌارن واري نظام تي عمل ڪرڻو پوندو، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته آزاد صحافت ضروري آهي ته ذميوار صحافت به ضروري آهي، جيڪڏهن چونڊيل نمائندا جلسن ۾ ميڊيا کي گاريون ڏيندا ته پوءِ ان مان ڪهڙي اميد رکن، ميڊيا کي به پنهنجو معيار هجڻ گهرجي، رڳو ڪوڙ نه هلي جيڪڏهن غلط خبر ڇپجي ٿي ته ان جي وضاحت به ڪرڻ گهرجي.