ڪوئيٽا واسي شهري کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي ضمانت رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوئيٽا جي رهواسي کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ وار ي ڪيس جي ٻه جوابدارن عبدالوهاب ۽ نورآغا جي درخواست ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته 21آگسٽ 2022جو مقتول حميدالله کي مڇر ڪالوني مان اغواڪري نادرن باءِ پاس وٽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ،جوابدارن جو مقتول سان واپار واري مامري تان جهيڙو هلندڙ هو،

  1. ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، جعلي دستاويزن تي سفر ڪندڙ مسافر گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي جعلي دستاويزن تي سفر ڪندڙ هڪ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار آذربائيجان کان پاڪستان پهتو هو، جنهن وٽان اسپين جو جعلي پاسپورٽ هٿ ڪيو ويو آهي. پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز سيڪنڊ لائين آفيس جي فرانزڪ عمل جي تابع ڪيا ويا ۽ پاسپورٽ جعلي مليا، گهربل حفاظتي خاصيتون نه آهن. شروعاتي جاچ موجب جوابدار 2 مهينا اڳ عمري جي سعادت لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ تي سعودي عرب ويو هو. جوابدار سفري دستاويزن تي سعودي عرب کان اسپين وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويا. جوابدار انڪشاف ڪيو ته هن سيالڪوٽ ۾ رهندڙ مبين نالي ايجنٽ کان ويزا، ٽڪيٽون ۽ ٻيا دستاويز گهرايا، جنهن لاءِ جوابدار کي 5 لک رپيا ايڊوانس ڏنا ويا. جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

  1. ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي، 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ پوليس نارٿ ڪراچي جي علائقي امير ٽريڊرز وٽان ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث 3 جوابدارن جنيد، خرم ۽ احمد کي گرفتار ڪري هڪ پستول، 3 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون آهن 5 موبائيل فون پڻ هٿ ڪيا ويا. گرفتار جوابدار ڪراچي جي علائقي امير ٽريڊرز، بارو دري سيڪشن 8 نارٿ ڪراچي ۾ پرچون جي دڪان ۾ ڦر ڪري رهيا هئا. گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن. گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، بارود ۽ چوري جي سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.