جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر سان مبينا زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (ن ع آ )  جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ پوليو ورڪر کي ڦر ۽ زيادتي ڪندڙ جوابدار احمد عرف امبي جکراڻي  کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي چانڊ شاخ ويجهو جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي سمير نور چنا پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ بغير لائسنس پستول هٿ ڪيو ويو، مبينا زيادتي جي متاثر عورت جي بيان کان پوءِ ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ  قلم شامل ڪيا ويندا. هن چيو ته  ڊي ايس پي سٽي جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ايس ايڇ او مولاداد، انچارج وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل سب انسپيڪٽر نيئر سلطانه کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، متاثر عورت جا سيپملز ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويا آهن. رپورٽ اچڻ بعد حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جوابدارن کي سزا ڏني ويندي.

  1. جيڪب آباد ۾ جي يوآءِ پاران پوليو ورڪر عورت سان مبينا زيادتي خلاف احتجاج

جيڪب آباد (ن ع آ ) جمعيت علماءِ اسلام ۽ شھرين پاران جيڪب آباد ۾ پوليو ٽيم کي يرغمال بڻائي ليڊي ورڪر سان  گينگ ريپ ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ  جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، تعلقي امير مولانا عبدالجبار رند، حاجي محمد عباس بلوچ.حماد الله  انصاري جي اڳواڻي ۾ دفتر جي يو آءِ  جيڪب آباد مان ڪڍيو ويو. مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪري نعرا ھنيا. شھر جي مک ڊي سي چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقررين چيو ته ليڊي پوليو ورڪر سان ھٿيارن جي زور تي گينگ ريپ شرم ناڪ عمل آھي.جنھن کي برداشت نه ٿي ڪري سگھجي. ھنن چيو ته ان اھم ڪيس کي مٽائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي.ھنن مطالبو ڪيو ان عورت ريپ ڪيس جي عدالتي تحقيقات ڪرائي جوابدارن کي قانون حوالي ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.