ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحافي اسلم شاھ خلاف مبينا ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي سينيئر صحافين سعيد جان بلوچ، ايڇ اين خانزاده ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ڪندڙ صحافين بينرکڻي احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي.مظاھرو ڪندڙ صحافين جو چوڻ هو ته اسلم شاھ هڪ سٺي ساک رکندڙ صحافي آهي جنهن خلاف هڪ خبر هلائڻ جي ڪري ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي. ھنن چيو تھ خبرون هلائڻ تي صحافين خلاف ڪارروايون حڪومت لاءِ شرم جوڳو عمل آهن. صحافين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته سينيئر صحافي اسلم شاھ خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي. صحافين چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪوڙي ايف آئي آر ختم نه ڪئي وئي ته هو احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.