گهوٽڪي: عوامي آواز جي خبر جو نوٽيس، روڊ کاتي جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر طلب

گھوٽڪي (ڊ ر) گھوٽڪي جي لاکو لنجاري روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار ھجڻ جون خبرون عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ جو  ڊسٽرڪٽ ايڊ سيشن جج گھوٽڪي نوٽيس وٺندي ايگزيڪيوٽو انجنيئر روڊس کي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن ، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گھوٽڪي جناب عبدالقدوس ميمڻ جي عدالت ايگزيڪيوٽو انجنيئر روڊس کي ھڪ ليٽر نمبر 9271  جاري ڪندي عوامي آواز پاران تاريخ 11.09.2024 تي لاکو لنجاري روڊ جو ڪم مڪمل نه ھجڻ ۽ ڪم  رولڙي جو شڪار ھجڻ واري خبر جو ذڪر ڄاڻائيندي نوٽيس جاري ڪندي 18 سيپٽمبر تي رڪارڊ سميت ايگزيڪيوٽو انجنيئر روڊس گھوٽڪي کي طلب ڪري ورتو آھي،ياد رھي ته عوامي آواز پاران لاکو لنجاري روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي خبر شايع ڪئي ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.