دادو (رپورٽ غوث جهتيال) دادو ۾ گورنمينٽ پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي ملازمن سان ڀريل ڪوسٽر کي مخدوم بلاول پوليس اسٽيشن جي حد ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪار ۾ سوار ماڻهن روڪي ورتو، بس ۾ سوار جي پي آءِ ملازمن جو چوڻ هو ته ڪار ۾ سوار 4 ڄڻن مان 2 ڄڻن جي سڃاڻپ سجاد لاکو ۽ مجتبيٰ برهماڻي طور ٿي آهي ۽ ڪار ۾ سوار باقي ماڻهن جي سڃاڻپ نه سگهي، هنن چيو ته ڪار ۾ سوار ماڻهن جو چوڻ هو ته ڪوسٽر انسٽيٽيوٽ جو آهي ان کي ٻاهر پنهنجي مقصد لاءِ ملازمن پاران ڇو استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ڪار ۾ سوار ماڻهن ڪوسٽر جي هڪ ملازم تي تشدد پڻ ڪيو جڏهن ڪوسٽر ۾ سوار سمورا انسٽيٽيوٽ جا ملازم هيٺ لهي بيٺا ۽ ڪار سوار ماڻهن کي چوڻ لڳا ته اسان انسٽيٽيوٽ جي هڪ ملازم غلام مصطفيٰ عباسي جي امڙ جي لاڏاڻي تي انسٽيٽيوٽ کان گڏجي ڳوٺ خانپور جوڻيجو تعلقو ڪي اين شاهه ويا هئاسين
۽ ڪوسٽر جي اجازت انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال کان لکت ۾ ورتي هئي جنهن بعد ڪار سوار ڌمڪيون ڏيندا روانا ٿي ويا اهڙي واقعي بعد انسٽيٽيوٽ جي شاگردن، استادن ۽ ملازمن گڏيل طور تي انسٽيٽيوٽ ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو