نئين دهلي(م ڊ) ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا مارڪسسٽ جو سيڪريٽري جنرل ۽ ڪميونسٽ تحريڪ جو اهم اڳواڻ سيتارام يچوري وڇڙي ويو،ڪامريڊ سيتارام جي وفات وقت عمر 72 سال هئي. هو ڪجھ ڏينھن کان دهلي ايمس اسپتال ۾ زير علاج هو. ڪامريڊ سيتارام راجيه سڀا جو ميمبر پڻ رهيو. سيتارام يچوري 2015 ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا مارڪسسٽ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سندس سياسي ڪيريئر ڪيترن ئي ڏهاڪن تي مشتمل آهي. سيتارام يچوري 1974ع ڪميونسٽ پارٽي مارڪسسٽ جي شاگرد ونگ اسٽوڊنٽ فيڊريشن آف انڊيا (SFI) ۾ شامل ٿيو ۽ ستت ئي پارٽي جو ميمبر ٿيو. اندرا گانڌي پاران هندستان ۾ لڳايل ايمرجنسي دوران هن کي ايمرجنسي دوران نظربند ڪيو ويو. هميشہ پنهنجي مارڪسي اصولن تي قائم رهيو. سيتا رام يچوري جي وفات کي نوجوان ڪالم نگار ۽ اديب سجاد ظهير سولنگي خطي جي روشن خيال سياست جو وڏو سانحو قرار ڏنو آهي .