ڪرپشن الزام ۾ سزا ٻڌايل ٻيلي کاتي جا 2 ملازم نارا جيل حوالي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي احتساب عدالت سزا يافتا ٻيلي کاتي جي ٻن ملازمن کي نارا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 2016ع ۾ ٻيلي کاتي ۾ سفاري پارڪ ٺاھڻ جي ڪروڙين رپين جي رقم ۾ گهوٻين جو الزام ثابت ٿيڻ تي 13 جوابدارن مان ڇهن ڄڻن کي سزا ٻڌائي وئي ھئي. جن مان ٻين جوابدارن کي بري ڪيو ويو ھو. فيصلي واري ڏينھن ٻه جوابدار محمد انور ۽ نصر الله انور فرار ٿي ويا ھئا، ٻنھي جوابدارن کي نيب ٽيم گرفتار ڪري احتساب عدالت نمبر 1 ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي نارا جيل اماڻي ڇڏيو، عدالت ٻنھي جوابدارن کي 5-5 سال قيد ۽ 40 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ھئي، ان کان اڳ به سزا ٻڌائڻ کانپوءِ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.