ڪوئيٽا ۾ توهين ڪيس ۾ گرفتار شخص اهلڪار هٿان قتل

ڪوئيٽا (م ڊ) توهين مذهب جي الزام ۾ گرفتار جوابدار کي پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب توهين مذهب جي الزام ۾ هڪ شخص کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو هو ٿاڻي ۾ بند جوابدار کي پوليس اهلڪار گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس چيو آهي ته جوابدار کي  ٿاڻي ۾ گولي هڻي قتل ڪندڙ اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هوڏانهن جي يو آءِ سينيٽر عبدالشڪور جوابدار اهلڪار جي قانوني مدد جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.