حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني مان مبينا کنڀي گم ڪيل سرويچ نوحاڻي جي گمشدگي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي, ٻڌڻي جي موقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو, ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا سي آء انچارج، ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز چاچڙ ايس ايڇ او خير محمد ملاح، اياز ابڙو ۽ بچاءُ کاتي (منسٽري آف ڊفينس) جا عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته گمشدگين جي ڪيسن ۾ پوليس عملدار ساڳيون رپورٽون پيش پيا ڪن، ڪيسن ۾ اڳ ڀرائي ناھي. نوجوان سرويچ نوحاڻي آھي ڪٿي؟ پوليس عملدار رڳو عدالت کان ملھت ٿا گھرن، ڇا ھنن کي ڪم ناھي ڪرڻو؟ عدالت ۾ اچي اھو ٻڌايو ٿو وڃي وقت ڏنو وڃي ۽ اسان ڳولا ڪريون پيا ھاڻي ائين خانه پوري نه ھلندي. عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي کيس ڇنڊ پٽي، جڏهن ته وفاقي ڊفينس سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. گم ٿي ويل سرويچ نوحاڻي جي ڀاءُ سرتاج نوحاڻي پنھنجي وڪيل عرفان خاصخيلي معرفت سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي. جنهن تي ڪالهه جسٽس ظفر راجپوت ۽ جسٽس امجد ٻوھيو تي مشتمل ڊويزنل بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊي آءِ جي حيدرآباد کان پڇاڻو ڪيو ته سرويچ نوحاني کي گم ٿئي 4 سال ٿي ويا آھن, پر پوليس پاران ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي وئي آھي. ھاڻي خانه پوري نه ھلندي.هوڏانهن ڄامشورو مان 4 سال اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان سرويچ نوحاڻي جي امڙ زرينا نوحاڻي پنهنجي پٽ سرويچ نوحاڻي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ عدالت ٻاھران پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته منھنجو پٽ 4 سالن کان گم آھي گھران کنڀي کڻي ويا نه ڏٺو آهي نه پيش ڪيو ويو آهي. سرويچ جي امڙ چيو ته ٻچي کان وڌيڪ ڪجھه ناھي. دل چوي ٿي ٻچي تان قربان ٿي پاڻ کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيان، جيڪڏهن پٽ ڪو ڏوھه ڪيو آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.