روينيو بورڊ ناڻي کاتي حوالي ٿيڻ بابت ميڊيا غلط تاثر پئي ڏئي:وڏي وزير جو ترجمان

ڪراچي (رپورٽر+م ڊ) ٽئڪس وصول ڪندڙ سنڌ جي اهم  اداري سنڌ روينيو بورڊ جا اختيار وڏي وزير کان کسي ناڻي کاتي حوالي  ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 139 جي شق (3) جي سيڪشن (3) تحت اختيار استعمال ڪندي سنڌ گورنمنٽ رولز آف بزنس 1986ع ۾ ترميم ڪئي وئي، ترميمون شيڊول II ۾ ڪيون ويون آهن. سنڌ روينيو بورڊ کي شق 9 تحت سي ايم هائوس سيڪريٽريٽ مان واپس ورتو ويو. هاڻي فنانس کاتو سنڌ روينيو بورڊ جا معاملا ڏسندو. روينيو بورڊ جا معاملا ناڻي واري کاتي جي ماتحت هوندا، جڏهن ته سروسز جا معاملا جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي کي ڏنا ويا آهن. هوڏانهن سنڌ روينيو بورڊ جي معاملن تي وزيراعليٰ هائوس جو وضاحتي بيان به سامهون آيو آهي، وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته روينيو بورڊ جا اختيار ناڻي کاتي حوالي ڪرڻ سان وڏي وزير جا اختيار محدود نه ٿيندا. ترجمان موجب روينيو بورڊ جا معاملا باقي صوبن ۾ به ناڻي کاتي جي ماتحت هلي رهيا آهن، روينيو بورڊ کي ناڻي کاتي حوالي ڪرڻ باوجود اهو وڏي وزير جي ماتحت ئي هوندو هيٺ اچي ٿو. ان حوالي سان ميڊيا ۾ ايندڙ تاثر بلڪل غلط آهي. هن چيو ته سنڌ روينيو بورڊ کي ناڻي کاتي جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو سنڌ ڪابينا جي منظوري سان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.