لڪي مروت کانپوءِ بنون ۽ باجوڙ ۾ به پوليس اهلڪارن جي هڙتال

بنون (م ڊ)لڪي مروت ۾ پوليس اهلڪارن پاران احتجاج چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿيڻ بعد بنون ۽ باجوڙ ۾ به اهلڪار احتجاج  جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي خيبرپختونخواه جي ضلعي بنون ۾ پوليو ويڪسينيشن ٽيمن کي سڪيورٽي فراهم ڪندڙ 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن هڙتال ڪئي آهي. پوليو مهم دوران ٽيمن جي حفاظت لاءِ مقرر اهلڪارن تي دهشتگردن جي حملن  خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي،لڪي مروت ۽ باجوڙ ۾ پوليس اهلڪارن جو مطالبو آهي ته انهن ضلعن ۾ فوج کي محدود ڪيو وڃي ۽ پوليس جا اختيار واپس ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪاروباري برادري به هڙتال ڪري احتجاج ۾ شرڪت اختيار ڪئي آهي، سب انسپيڪٽر انيس الرحمان بي بي سي کي ٻڌايو ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته لڪي مروت ۾ دهشتگردن جو انگ ٻه سئو کان وڌيڪ ناهي، فوج جو وڏو انگ لڪي مروت  ۾ ويٺل آهي پر اڄ تائين انهن دهشت گردن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.