ڪي پي ۾ ٻيهر گورنر راڄ جو پڙاڏو؟

اسلام آباد(حماد حسن)خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جون ڳالهيون ٻيهر هلڻ لڳيون، صوبي ۾ اي اين پي ۽ جي يو آءِ کي ڀت سان لڳايو ويو آهي، پي ٽي آءِ کي مڪمل اسپيس ڏنو ويو آهي،شعيب شاهين کي ان ڪري گرفتار ڪيو ويو ڇو ته هڪ وڪيل آهي هن جي حمايت ۾ سمورين پارٽين جا حامي وڪيل روڊن تي نڪري آيا،ان گرفتاري مان لڳي ٿو ته ادارا هڪ صفحي تي ناهن،پارليامينٽ اندر ايم اين ايز جي گرفتارين جو ڪهڙو منطق ٺهي ٿو؟ اهو ايڊونچر ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن ميڊيا هائيپ پيدا ٿئي،عالمي ۽ ملڪي ميڊيا جو سڄو ڌيان ان ڏانهن ڇڪجي ويو،پي ٽي آءِ جو جلسو 7 وڳي ختم ڪرڻ جو حڪم ڇو ڏنو  ويو؟ اڌ ڪلاڪ وڌيڪ جاري رهڻ تي گرفتاريون ڪيون ويون، اهو سڄو ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن پي ٽي آءِ جي مقبوليت گهٽ نه ٿئي، هڪ فيض حميد جي جيل وڃڻ سان معاملا درست ناهن ٿيا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 13 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.