اسلام آباد(عمران شفقت)عمران خان ۽ علي امين گنڊاپور پاڪستان ۾ وڳوڙن واري صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن، گنڊاپور کان سوال آهي ته ڪي پي ۾ طالبان کي ڪنهن آندو؟ انهن کي توهان،جنرل باجوا،جنرل فيض آندو هو، طالبان کي استعمال ڪري عمران خان پاڪستان کان عليحدگي جي راند کيڏي رهيو آهي ۽ گريٽر افغانستان جي ڳالهين کي هشي ڏني پئي وڃي، اسٽيبلشمينٽ ان ڳالهه کي وٺي سنجيده ٿي وئي آهي، گذريل ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ وڏي هلچل متل هئي،ڪي پي جي صورتحال ۽ عمران خان جي ارادن بابت ادارن کي سڄي خبر آهي، قومي سلامتي بابت جيڪي فيصلا ٿيا ان بابت صدر ۽ وزيراعظم کي به اعتماد ۾ ورتو ويو آهي،اعليٰ سطحي اجلاس ۾ 10،8 ماڻهو شريڪ هئا،فيصلو اهو ٿيو ته ملڪ اندر ڪا به ايمرجنسي نه لڳندي،ڪنهن به غيرآئيني قدم جي گنجائش ناهي،گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال کي سول انتظامن ذريعي ئي منهن ڏنو ويندو، عالمي سازش اها آهي ته فوج مارشل لا هڻي جيئن ملڪ اندر انارڪي پکڙجي وڃي، ڇو ته پاڪستان ۾ جيڪا انارڪي پکيڙي پئي وڃي ان ”گولڊ اسمٿ آپريشن“ جا پيرا سرحدن کان ٻاهر به وڃن ٿا،شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ملڪ اندر ڪجهه قوتن کي پيٽ ۾ سور آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 13 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو