پيٽرول في ليٽر 12 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ پيٽرول في ليٽر 12 رپيا سستو ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.
انڊسٽري ذريعن موجب، ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ به 12 رپيا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 8 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي.
واضح رهي ته 31 آگسٽ تي وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي هئي.
نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت هڪ رپيو 86 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا 32 پئسا جڏهن ته گاسليٽ 2 رپيا 15 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.