پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ايم اين ايز جو اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيندي سڀني کي جيل منتقل ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو ڪيس جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل سان مڪالمو ڪندي چوڻ هو ته ڪيو ڇا پيا، اِهو ئي ڪم پهريان هن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيو ويو، هاڻي پارليامينٽ ۾ ڪري ڇڏيو، ڪنهن اداري جي ساک برقرار رهڻ نه ڏيجو.
جسٽس عامر فاروق چيو ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي گرفتارين وارو معاملو عدالت به ڏسي سگهي پئي، پارليامينٽ مان گرفتارين خلاف درخواست ايندڙ هفتي ٻڌي ويندي.
اسلام آباد پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته پي ٽي آءِ جلسي ۾ رياست مخالف ڀوائتيون تقريرون ڪيون ويون، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن اوهان جي ڳالهه مڃي وڃي ته پوءِ قتل واري جوابدار جو ته ان ڪائونٽر ڪري ڇڏجي، ڪنهن ڪيڏو به سنگين ڏوهه ڇو نه ڪيو هجي کيس فيئر ٽرائل جو حق حاصل آهي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هن ڏٺو آهي ته جسماني رمانڊ جا سمورا آرڊر هڪ جهڙا آهن، اسٽيٽ کي جواب ڏيڻ ڏيو ته اهڙو ڇا ٿي ويو جو اٺن اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو، اهو اهڙو عمل آهي جنهن جو مثال نه ٿو ملي، کين ڏسڻُو آهي ته اهڙو ڇا ٿي ويو جو اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته ڪيس جي لکڻي به دلچسپ آهي، اها اسلام آباد پوليس آهي يا وري رضيه جيڪا غنڊن۾ ڦاسي پئي آهي، ڪريڊ ڏيڻو پوندو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ هڪ ڪاميڊي ڏسڻ لاءِ ملي آهي، جنهن به ڪيس داخل ڪيو آهي سٺي ڪاميڊي لکي آهي.
سندس چوڻ هو ته شعيب شاهين مٿان پستول تاڻيو ويو آهي، ڪاميڊي توهان پڙهي ڇڏي آهي، هاڻي هنن وٽان ڇا هٿ ڪرڻو آهي.
چيف جسٽس چيو ته چار ڏينهن ٿي ويا آهن، جيڪو اوهان کي ڪرڻو هو ڪري ڇڏيو، اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڇو ڏنو ويو؟ ٻن ڏينهن جو ڏنو وڃي ها، ڪسٽڊي ڏني وڃي ها پر قطعي طور ڪسٽڊي ته ڪورٽ جي ئي هوندي آهي.
هن چيو ته ڪيس ۾ کل جوڳا الزام هنيا ويا آهن ۽ اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن الزام درست به قبول ڪيا وڃن ته هڪ طريقيڪار هوندو آهي، اسٽوري جنهن به ٺاهي آهي مزيدار قسم جي ڪهاڻي آهي جنهن تي فلم ٺاهي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.