تڪراري بڻجي ويل ارسا

تحرير: وفا گولو

ارسا ملڪ جو اهڙو ته تڪراري ادارو بڻجي ويو آهي جنهن جي هر سال شڪايت ٿيندي رهي آهي ڪڏهن سندس جو تڪراري سربراهه مقرر ٿيندو آهي ته ڪڏهن ميميبر ته ڪڏهن وري اهڙا ايڪٽ يعني قانون جوڙيا ويندا آهن جنهن سان صوبن اندر هڪ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي.ارسا هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن ۾ سندس جو چيئرمين وفاقي سرڪار مقرر ڪندي آهي ۽ هر صوبي جو نمائندو به ساڻس گڏجي ڪم ڪندو آهي جنهن جو ڪم رڳو اهو آهي ته وفاق سميت صوبن اندر پاڻي ورڇ درست نموني ڪري پر هتي هر سال پاڻي بابت گوڙ ٿيندو آهي پر تازي صورتحال حال صدارتي آرڊينس آهي جنهن تي خود پ پ وارن ان کي قانوني بڻائڻ لاءِ ايوان صدر بجاءِ پارليامينٽ ۾ آڻي پاس ڪرائڻ جي تجويز هاڻوڪي وفاقي سرڪار کي ڏني آهي ۽ وري واويلا به هو پاڻ ڪري رهيا آهن ته ظلم پيو ٿئي هي ارسا ايڪٽ ختم ڪيو وڃي ماضي ۾ صدر عارف علوي ڏانهن به اهڙي قسم جو ايڪٽ موڪليو ويو هو پر هن صحي ڪرڻ بنا واپس موڪليو هو پر پ پ جو صدر شايد صحي ڪري ان کي پارليامينٽ ڏانهن موڪلي به چڪو آهي.هي ته ائين ٿيو سنڌي ۾ چوندا آهن چور کي ڪنهن صلاح ڏني ته فلاڻي گهر جي چوري ڪر ۽ وري ڀاڳي کي چيو ويو ته فلاڻو چور تنهنجي چوري ڪرڻ پيو اچئي معني ائين ته چور به پنهنجا ته ڀاڳيا به پنهنجا.

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو اثر پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي پوندو.پاڻي صوبائي سبجيڪٽ آهي، انهي لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ سنڌ جي رضامندي بنا ڪا ترميم نه ٿي ڪري سگهجي.ارسا چيئرمين ڪو حاضر سروس يا رٽائرڊ بيورو ڪريٽ ( ڪامورو) بڻجي نه ٿو سگهجي پر روٽيشن جي بنياد تي صوبن جي ارسا ميمبرن مان ئي بڻجي سگهي ٿو.سنڌ جو مطالبو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي وڃي. ارسا جو ڪم پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪرائي صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي، وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو قدم کڻي پاڪستان جي فيڊريشن ( وفاق)کي ٽوڙڻ وارو ڪم نه ڪري.مشاورت کانپوءِ پاڻي جو 1991ع وارو معاهدو ٿيو هو، جنهن تي 4 صوبن جي وڏن وزيرن جون صحيحون پڻ موجود آهن،ان وقت به ان پاڻي معاهدي ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ڇڏڻ بابت اعتراض هيو، معاهدي ۾ صوبن کي پنهنجي حصي جي پاڻيءَ کي جمع/ذخيرو  ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏنل هئي ،جنهن تي پڻ اعتراض هو. هن چيو ته پاڻيءَ جي 1991ع واري معاهدي باوجود سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه پيو ملي، سنڌ جون زمينون غيرآباد آهن ، ڪيترن علائقن ۾ ته روٽيشن ( وارابندي) جي بنياد تي پاڻي ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته پاڻيءَ تي سڀ کان پهريون حق پڇڙي واري صوبي جو هوندو آهي،  سنڌ پڇڙي وارو صوبو آهي پر پاڻيءَ جي ورڇ ۾ سنڌ سان راند کيڏي پئي وڃي. هن چيو ته ارسا طرفان پاڻيءَ جي ورڇ پيرا 2 بجاءِ ڪڏهن تاريخي فارمولي ته ڪڏهن ٽه رخي فارمولي تي ٿي رهي آهي،جنهن تي پڻ سنڌ کي اعتراض آهن، سنڌ جو مطالبو آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ پيرا 2 تحت ڪئي وڃي.

نثار کهڙي اسيمبليءَ ۾ قرارداد پيش ڪري سنڌ جو پٽ هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي،  پاڻيءَ جي کوٽ جي صورت ۾ سڀني صوبن ۾ کوٽ برابر ورھائي وڃي، صرف سنڌ جي حصي مان پاڻيءَ جي ڪٽوتي سنڌ سان زيادتي آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ سميت 3 اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم خلاف قراردادون منظور ڪيون،  ڊيم ٺاهڻ لاءِ اڪثر اِهو الزام لڳايو ويندو هو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻيءَ سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي پر حقيقت ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ گهرجي، جيڪو ڪڏهن به ڇڏيو ناهي ويو، جنهن ڪري ٺٽي ۽ بدين سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي 20 لک ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو قبول ناهي، انهي لاءِ ارسا پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪري پاڻيءَ جي شفاف ورڇ يقيني بڻائي،  وفاقي حڪومت ارسا  ايڪٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم نه ڪري.پاڪستان ۾ 5 درياھه پهچن ٿا سنڌ طاس معاهدي هيٺ 3 درياءُ ڀارت کي ڏئي سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، اهڙو معاهدو ڪرڻ وقت به سنڌ کان نه پڇيو ويو هو، دنيا چوي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ پاڻي تي جنگ ٿيندي، ڏٺو وڃي ته سمنڊ روزانو سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي اها ئي صورتحال رهي ته پوءِ ڪراچي، بدين ۽ ٺٽو مٽجي ويندا، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌو ۾ پاڻي نه آيو ته اسان رت جا قطرا ڏينداسين. پاڻي وفاق جو معاملو ئي ناهي، جڏهن ارسا ٺهي هئي، سنڌ کي انهي اداري تي به اعتراض هئا، پر مجبوري ۾ قبول ڪيو ويو هو هاڻي اهڙو ڇا ٿيو آهي ته حڪومت کي اوچتو خيال آيو آهي ته 21هين گريڊ جي آفيسر کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻو آهي. سنڌ سميت 4 صوبا آئيني يونٽ آھيون. فيڊريشن صوبن بنا نٿي ھلي سگھي،اسان پاڪستان جي ترقي خلاف ناھيون، پاڻي نه ھوندو ته اسان جي زراعت ختم ٿي ويندي،  اسان رڳو آئين تي عمل جي ڳالهه ڪريون پيا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن کي خاص طور تي خالد مقبول صديقي کي وفاق ۾ به سنڌ جو آواز اٿارڻ گھرجي، نه ته تاريخ کين معاف نه ڪندي.

گذريل اجلاس ۾ پ پ وارن اها به ڳالھ ڪئي آهي ته ارسا ايڪٽ جو هڪ ٽُٻڪو به تبديل ڪرڻ به پوري معاهدو تبديل ڪرڻ برابر آهي.ارسا ترميمي ائڪٽ مطابق ارسا پاڻي سان لاڳاپيل ڪنهن به ماڳ (ڊيم، واهه، بيراج) وغيره کي اسٽريٽيجڪ اهميت وارو ماڳ قرار ڏئي سگھندي ۽ ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت معرفت فوج کان به سهڪار حاصل ڪري سگھندي. ٻين لفظن ۾ ته، جيڪڏهن ٽن صوبن پاران رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم رٿا کي جيڪڏهن چيئرمين ۽ سندس ماهرن جي ڪميٽي اسٽريٽيجڪ رٿا قرار ڏئي ڇڏي ته اها رٿ ۽ ان سان لاڳاپيل هر ماڳ حساس قرار ڏئي ان جي حفاظت لاءِ وفاقي حڪومت وسيلي فوج جي مدد به وٺي سگھبي. هيءَ شق سڌو سنئون وفاقي حڪومت پاران تڪراري رٿائن کي زور زبردستيءَ سان صوبن مٿان مڙهڻ لاءِ استعمال ڪري سگھبي.

پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن خلاف سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو آهي نوٽيس ۾ اهو چيو ويو آهي ته پاڻيءَ وارو وزير ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي اطلاعن بابت وضاحت پيش ڪري، ارسا ايڪٽ ۾ ڪي به تبديليون پاڻي ٺاهه جي روح کي ڪمزور ڪري سگهن ٿيون، ترميم واريون اهڙيون تجويزون صوبن جي ڳڻتيءَ کي نظرانداز ڪرڻ سان گڏ سي سي آءِ جي به خلاف آهن، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر اهڙين تجويزن جي مخالفت ڪئي آهي، سنڌ کي سنڌو درياهه جي مٿانهين حصي تي شروع ٿيندڙ منصوبن بابت به خدشا آهن، عوامي ۽ قومي اهميت جو هي معاملو فوري ڌيان طلب آهي، ڌيان طلب نوٽيس تي پيپلزپارٽي سينيٽرز ڄام سيف الله خان، پونجو ڀيل ۽ سرمد علي جون صحيحون ٿيل آهن.

پ پ وارن سنڌ سان نڀائڻ جي ڀلي رٿ پيش ڪئي آهي جيڪا وقت جي ضرورت پڻ آهي پر ان تڪراري ارسا ايڪٽ کي وفاقي سرڪار مڪمل طور ختم ڪري صوبن مان بيچيني ڇو نه ٿي ختم ڪري پاڻي هر صوبي جو هڪ حساس اشو آهي ان بابت رکي رکي اهڙي قسم جا ابهام پيدا ڪري وفاق آخر ڇا حاصل ڪرڻ ڇاهي ٿي جو هڪ ذميوار اداري کي تڪراري بڻائي رهي آهي.وفاقي سرڪاري هجي ارسا وارا هجن يا ڪي ٻيون قوتون انهن کي اها به خبر ناهي ته پاڻي هڪ فطرتي جز آهي پاڻي ڪيئن ڪٿان ۽ ڪيئن سفر ڪري اچي سنڌو ندي ۾ پئي ٿو ان کي جيڪڏهن روڪڻ جي ڪوشش ڪندا ته هو اوهان کي ٻوڙي ڇڏيندو انڪري فطرت سان هٿ ڇراند نه ڪرڻ گهرجي ها اوهان ننڍا ڊيم ٺاهيو جنهن سان واڌو پاڻي محفوظ ڪري وقت مهل اهو استعمال ڪري سگهو پر اهڙيون حرڪتون نه ڪريو جو اوهين ملڪ اندر هڪ انتشار پيدا ڪري عوام سميت سياسي ڌرين کي به پريشان ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.