آمريڪي انصاف واري کاتي چيو آهي ته ايران سان مبينا رابطو رکندڙ پاڪستاني شھري آصف رضا مرچنٽ تي ڪنھن آمريڪي سياسي شخصيت يا سرڪاري اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي منصوبي ٺاھڻ جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
آمريڪا جي اٽارني جنرل ميرڪ گارلينڊ چيو آهي ته آصف رضا مرچنٽ خلاف دهشتگردي ۽ قتل جي الزامن جا ثبوت موجود آهن.نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب حڪومتي وڪيلن، آصف مرچنٽ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته عراق ۾ آمريڪا جي حملي ۾ ايران جي پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل جي بدلي وٺڻ لاءِ آمريڪا ۾ سرڪاري آفيسرن جي مبينا قتل جي رٿابندي ڪئي پئي وئي. هن چيو آهي ته پاڪستان سان تعلق رکندڙ 46 سالن جو آصف رضا مرچنٽ ڪنهن سياسي شخصيت يا سرڪاري اهلڪار کي نشانو بڻائڻ لاءِ آمريڪا ۾ ڀاڙي جو قاتل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو.هن چيو ته جھڙي ريت آصف رضا مرچنٽ خلاف دهشتگردي ۽ قتل جا الزام جا ثبوت موجود آهن. ان موجب ھن خلاف احتساب ڪيو ويندو.جيڪو ايران جي آمريڪا خلاف خطرناڪ سازشن جو حصو ٿيندو.
ياد رهي تھ ، ايران جي پاسداران انقلاب جي ٻين ملڪن ۾ آپريشنز جي سربراهه جنرل قاسم سليماني کي آمريڪا 2020 ۾ عراق ۾ ڊرون حملي ۾ نشانو بڻايو هو. جنھن بعد ايراني اهلڪار قاسم سليماني جي موت جي بدلي وٺڻ جون مسلسل ڌمڪيون ڏيندو رھيو ھو.
11 سيپٽمبر تي آمريڪي انصاف واري کاتي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آصف مرچنٽ تي گذريل ڏينهن آمريڪي زمين تي ڪنهن سياستدان يا آمريڪي حڪومتي اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي سازش، ملڪ حد کان ٻاهر دهشتگردي جي عمل جو انجام ڀاڙي جي قاتل جي طور ڪم ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام لاڳو ڪيو ويو آھي.وڌيڪ چيو ويو آھي تھ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اھڙي واقعي ٿيڻ کان اڳ ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.بيان موجب آصف مرچنٽ کي جولاءِ 2024 ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو. هن کي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو ۽ هن وقت ھو وفاقي تحويل ۾ آهي.
ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر جو چوڻ آھي تھ هيءَ خطرناڪ قتل جي سازش مبينا طور تي هڪ پاڪستاني شهري ٺاهي هئي، جنهن جا ايران سان ويجها لاڳاپا ھئا ۽ اھو سڀ ڪجھ ايراني حڪومت جي حڪمت عملي جي مطابق آھي، هڪ غير ملڪي هدايت تي ڪيل سازش آهي اسان جي قومي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ ايف بي آءِ جي مڪمل طاقت ۽ وسيلن سان ان جو مقابلو ڪندي.
آصف مرچنٽ جن ڀاڙي جي قاتلن جي خدمت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي دراصل ايف بي آءِ جا ڳجھا ايجنٽ هئا.آمريڪي عملدارن ڪيترن ئي سالن کان خبردار ڪيو آهي ته ايران جا انقلابي قاسم سليماني جي 2020 ۾ ٿيل قتل جو بدلو وٺڻ چاھي ٿو. سلماني کي قتل جو حڪم ٽرمپ ان وقت ڏنو هو، جڏهن هو صدر هو.
آصف مرچنٽ کي آمريڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن هو آمريڪا ڇڏڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو.آصف مرچنٽ جي گرفتاري جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ پاڪستاني پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته هو ان حوالي سان واشنگٽن سان رابطي ۾ آهن.