وات ۾ بوءِ به گيس جي نشاني؟ گيس دل جو دورو ڪيئن ڏئي ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گيس جو سور دل جي دوري جيترو دردناڪ هوندو آهي، گيس اصل ۾ معدي ۾ هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن دل تائين به ويندي آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته کين دل جو مسئلو آهي، پر حقيقت ۾ اها گئس آهي جيڪا اندر گردش ڪري ٿي.

معدي ۾ کاڌي جي هاضمي جي عمل دوران گيس پيدا ٿئي ٿي، جيڪا مختلف ذريعن ذريعي جسم مان خارج ٿي ويندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن خاص غذا ۽ لاپرواهيءَ سبب وڌيڪ گيس به پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن کي جيڪڏهن جسم مان خارج ڪرڻ جو رستو نه ملندو آهي ته مختلف مسئلا پيدا ٿيندا آهن

اڻڄاڻائيءَ جي ڪري ماڻهو انهن علامتن کي سمجهي نه سگهندا آهن ۽ اصل سبب ڄاڻڻ بدران ڊاڪٽر وٽ وڃڻ لڳندا آهن.

1: ساهه کڻڻ ۾ تڪليف

جڏهن جسم ۾ گئس ڀرجي وڃي ٿي ۽ ان کان بچڻ جو رستو نه ٿو ملي ته اهو انسان جي ڦڦڙن تي به اثر انداز ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري انهن تي دٻاءُ اچي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي پر ماڻهو ڌيان ناهن ڏيندا. اهو سور گيس جي ڪري پوندو آهي.

2: سيني ۾ سور

عام طور تي دل جي دوري جي علامتن ۽ گيس جي ڪري سيني ۾ سور جون علامتون هڪجهڙائيون هونديون آهن ۽ ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو ته سيني ۾ سور جو دٻاءُ دل جي دوري جو سبب ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ٿڌي پگهر سبب انسان تيزي سان دل جي اسپتال ڏانهن ڊوڙيندو آهي ۽ اتي وڃي اي سي جي رپورٽ ڪرائڻ بعد کيس خبر پوندي آهي ته کيس دل جي ڪا تڪليف ناهي پر اها رڳو گيس آهي.

3: مهارن جي سوڄ ۽ وات ۾ بوءِ

مهارن جي سوڄ ۽ وات مان بوءِ اچڻ جي صورت ۾ به انسان ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ ويندو آهي پر معدي ۾ ٺهندڙ واڌو گيس کي جڏهن خارج ٿيڻ جو موقعو ناهي ملندو ته ان جا اثر انسان جي ڏندن ۽ ماهرن تي به پوندا آهن جنهن سان مهارا سوڄ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ معدي ۾ ٺهيل گيس وات جي بوءِ جو به سبب بڻجي سگهي ٿي جنهن جو واحد علاج گيس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آهي.

4: بلڊ پريشر جو وڌڻ

معدي ۾ پيدا ٿيندڙ گيس جا بلڊ پريشر تي به اثر پوندا آهن ۽ بلڊ پريشر وڌي ويندو آهي پر اهو بلڊ پريشر جسم جي ڪنهن اندروني خرابي بدران رڳو جسم ۾ موجود گيس سبب هوندو آهي.

5: چڪر اچڻ، مٿي جوسور

جسم ۾ گيس ٿيڻ جي صورت ۾ انسان جي دماغ تي به اثرانداز ٿيندي آهي ۽ ان جي ڪري مٿي جو سور ۽ چڪر اچي سگهن ٿا.

عام طور تي انسان جي جسم ۾ وڌيڪ گيس ٺهڻ جو سبب سندن پنهنجي غلطين جي ڪري ٿيندي آهي، وڌيڪ مصالحي واريون غذائون کائڻ به گيس جو سبب بڻبيون آهن.

جيڪي ماڻهو کير مان ٺهيل شين مان الرجڪ هجن اهي به مسئلي جو شڪار ٿيندا آهن.

گيس وارا شربت به گيس پيدا ڪندا آهن.

گيس جو علاج

گيس کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهريان پنهنجو لائيف اسٽائل تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ متوازن غذا رکڻ ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ پاڻي جو استعمال ۽ باقاعدگي سان واڪ ڪرڻ به اوهان کي مسئلن کان بچائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.