سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو)سکر جي تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن پاران چوھاڻ برادري جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ واري معاملي تي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھه نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او تماچاڻي جي نوڪري چٽ ڪري ڇڏي، ڊي آئي جي سکر ايس ايڇ او تماچاڻي انسپيڪٽر غلام حبيب گوپانگ کي رورٽ ڪندي سب انسپيڪٽر ڪري سسپينڊ ڪندي کيس بغير اجازت جي ڊي آئي جي آفيس کان ٻاھر وڃڻ تي پابندي مڙھي ڇڏي. تماچاڻي ٿاڻي تي اڳوڻي ايس ايڇ او حبيب گوبانگ جي ھٽڻ بعد سيد اميد علي شاهه کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آھي ،رابطي تي وڏي منشي محمد نواز سھتو ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وارثن جي انتظار ۾ آھيون جيئن ئي وارث ايندا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي شروع ڪئي ويندي، ٻئي طرف مقتولن جي وارثن جو چوڻ آھي ته جتوئي برادري جي ڏوهارين جي مارجي وڃڻ سان اسان جو ڪو به تعلق ناھي جتوئي برادري بناجواز اسان جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي. ياد رھي ته ڪجھه وقت اڳ تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٻه ڏوھاري مارجي ويا ھئا جنھن ۾ تماچاڻي پوليس مقابلو ڏيکاريو ھو جڏھن ته مارجي ويل جتوئي برادري جي ڏوهارين پاران بدلي ۾ چوھاڻ برادري جي ٽن ڄڻن کي گذريل رات شھر کان واپس گھر ايندي رستي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.