دائود يونيورسٽيءَ جي وي سي کي ڌمڪين وارا خط ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي دائود انجنيئرنگ ايند ٽيڪنالاجي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين کي ڌمڪين وارا خط ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،ڊاڪٽر ثمرين حسين ڌمڪين وارا خط ملڻ بعد سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي،ذريعن موجب ڊاڪٽر ثمرين حسين کي اهڙين ڌمڪين وارا ٻه خط مليا آهن جن مان هڪ سندس آفيس ۽ ٻيو گهر جي ائڊريس  تي مليو آهي، خطن ۾ صاف لفظن ۾ لکيل آهي ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين شپ تان دستبردار ٿي وڃو، اڳوڻي ايڇ اي سنڌ ڊاڪٽر طارق رفيع جو پيڇو ڇڏي ان جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجو ٻي صورت ۾ ڪنهن به نقصان جي پاڻ ذميوار هوندي،پوليس موجب ڊاڪٽر ثمرين حسين کي مليل ڌمڪين وارن خطن تي جيڪا ايڊريس لکيل آهي ان ۾ موڪليندڙ جو نالو عظمي مصري شاهه مزار ڊي ايڇ اي آهي،اهڙين ڌمڪين وارا خط ملڻ بعد مومن آباد ٿاڻي جي جاچ پوليس پهچي معلومات حاصل ڪئي جڏهن ته پوسٽ آفيس مان سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا ويا،سي سي ٽي وي فوٽيج موجب خط پوسٽ ڪندڙ زوهيب نالي جوابدار آهي جنهن جو والد جاويد سائوٿ سٽي اسپتال ۾ اسسٽنٽ آهي، جنهن کي پڻ پوليس جاچ ۾ شامل ڪيو آهي، پوليس خط پوسٽ ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي، ياد رهي ته 13 آگسٽ تي مومن آباد جي علائقي ۾ دائود انجنئرنگ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر ثمرين حسين تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته هي معاملو به ان ئي ڪيس جي ڪڙي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.