اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، بلاول ڀٽو جي وفد ۾ نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب به شامل هئا، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، عطاءُ تارڙ ۽ اٽارني جنرل به موجود هئا، وزيراعظم پارليامينٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران پيش ڪيل ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو، جڏهن ته پ پ وفد ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي اقتصادي پاليسين جي به واکاڻ ڪئي.