لڪي مروت ۾ پوليس جو ڌرڻو، فوج ۽ ايجنسين جي نيڪالي جو مطالبو

پشاور(م ڊ) ڪي پي ۾ پوليس جي ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف لڪي مروت کانپوءِ باجوڙ ۾ به پوليس اهلڪار سراپا احتجاج آهن، ڌرڻن سبب ڪاروهنوار معطل ٿي ويو آهي، اهلڪارن جو چوڻ آهي ته روڊ ٻن صورتن ۾ کوليو وڃي، هڪ ته فوج ۽ ايجنسيون لڪي مروت ضلعي مان واپس هليون وڃن، پوليس پاڻ ٽن مهينن ۾ دهشتگردي جو خاتمو آڻيندي، ٻي صورت  ۾ اسان کي شهيد ڪيو وڃي.لڪي مروت ضلعي جي مرڪزي علائقي تاج زئي چوڪ تي پوليس اهلڪارن پاران پوليس تي مسلسل حملن خلاف ٽن ڏينهن کان احتجاج جاري آهي. پوليس اهلڪار پشاور کان ڪراچي ويندڙ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب پشاور-ڪراچي انڊس هاءِ وي کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.مظاهرين اهو به مطالبو ڪيو ته پوليس يونين بحال ڪئي وڃي ۽ غير محفوظ ۽ ڏورانهين پوليس اسٽيشن کي ختم ڪيو وڃي.واضح رهي ته گذريل هڪ هفتي دوران لڪي مروت ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، جنهن بعد پوليس اهلڪار احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.ٻي پاسي باجوڙ ۾ به احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي، پوليس پاران پوليس لائن گرائونڊ هيڊ ڪوارٽر خار ۾ ڌرڻو ۽ پوليو ڊيوٽي جي بائيڪاٽ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.هوڏانهن باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 33 ورهين جو پوليس اهلڪار لقمان عمر ۽ 25 ورهين جو پوليو ورڪر ابو هريره عمر شهيد ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.