آئيني ترميم جي حمايت بابت حڪومتي دعويٰ رد، مخالف ڌر ۾ آهيان ۽ رهندس\فضل الرحمان

اسلام آباد(م ڊ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت جي آئيني ترميم جي حمايت جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته جي يو آءِ سميت ڪابه اپوزيشن ان قانون جي حمايت نه  ڪندي جيڪا آئين ۽ جمهوريت خلاف هجي. مولانا فضل الرحمان سان اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيو ويندڙ سينيئر سياستدان اهم ملاقات ڪئي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني جي مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات دير سان جاري رهي. ملاقات ۾ سياسي معاملن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محمد علي دراني مولانا فضل الرحمان کي پنهنجي سياسي رابطن بابت آگاهه ڪيو. فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ اپوزيشن جو حصو آهي ۽ رهندي، آئين ۽ جمهوريت خلاف قانون سازي ۾ جي يو آءِ سميت ڪا به مخالف ڌر  مدد نه ڪندي. هن چيو ته حڪومت جو وجود ۽ ان جا عمل عوام جي مفادن سان ٽڪراءَ ۾ آهن، اهڙي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ عوام جي ڪاوڙ ۽ غضب کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. هو عوام جو ڏنل اقتدار چاهين ٿا، ڪنهن کي مينڊيٽ چوري ڪرڻ نه ڏيندا. محمد علي دراني مولانا فضل الرحمان جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته هو تاريخ ۾ هميشه صحيح رخ ۾ بيٺو آهي ۽ هميشه سياسي روايتن ۽ جمهوري قدرن جو امين رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.