پينشن ضابطن ۾ترميمون، فيملي پينشن 10 سالن تائين محدود

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پينشن ضابطن ۾ اهم ترميمون ڪيون ويون آهن، فيملي پينشن 10 سالن تائين محدود ڪئي وئي، جڏهن ته رضاڪارانه طور رٽائرمينٽ وٺندڙ تي ڏنڊ وڌو ويندو. ذريعن موجب وفاقي حڪومت رٽائرڊ ملازمن جي فوتگي کانپوءِ فيملي پينشن جو مدو 10 سال مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي ادائيگي جي بل جو وڌندڙ بار گهٽائڻ لاءِ اسپيشل فيملي پينشن جو مدو 25 سال مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل رٽائرڊ ملازم جي فيملي پينشن جو حقدار ٻار معذور يا خاص ٻار جي صورت ۾ سڄي زندگي فيملي پينشن حاصل ڪندو.ذريعن  جو چوڻ آهي ته پي اينڊ پينشن ڪميشن 2020ع جي سفارشن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، شهيدن جي فيملي پينشن کي وڌائي 25 سال ڪيو ويو آهي،آرمڊ فورسز ۽ سول آرمڊ فورس لاءِ فيملي پينشن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.