تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شفاف طريقي سان ڪتاب پهچايا ويا: چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري جو چوڻ آهي ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه ” پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ ” جي سري هيٺ هر ٻار کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مڪمل ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ هر ٻار تائين مفت درسي ڪتاب پهچائڻ واري عمل دوران مسلسل رابطي ۾ آهن. چيئرمين عبدالعليم لاشاري جو چوڻ آهي ته هن سال تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شفاف نموني سان وقت سر ڪتابن جي ورهاست وارو عمل مڪمل ڪري چڪا آهيون، جنهن تحت 44 لک 53 هزار 686 ڪتابن جا سيٽ ڇپايا ويا، جنهن ۾ 2 ڪروڙ 43 لک 51 هزار 475 ڪتاب شامل آهن، اهي وقت سر ٻارڙن تائين پهچايا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن سميت ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪتابن جي ورهاست وارو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان جي ٽيمن درسي ڪتابن لاءِ جوڙيل ويئر هائوسز ۽ سنڌ جي اسڪولن جا روز جي بنياد تي دورا شروع ڪيا ۽ مفت درسي ڪتاب پهچائڻ واري ڪم جو جائزو ورتو آهي ۽ اهڙو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، جتي جتي ڪتابن جي وڌيڪ ضرورت پئجي رهي آهي اسان اتي به ڪتاب پهچائي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ٻار تعليم پرائيندا ته سنڌ اڃا وڌيڪ ترقي ڪندي ۽ اڳتي وڌندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.