سمنڊ ۾ پاڻي ذيان ٿيڻ واري ڳالهه بي بنياد ۽ ڪوڙي آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ  اسماعيل خاصخيلي ۽ حسين سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ واري وفاقي حڪومت جي ڳالهه بي بنياد ۽ ڪوڙي آهي، 91 ٺاهه موجب ڊيلٽا کي گهرج موجب پاڻي نٿو ملي جنهنڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. جنهن ۾ ضلعي ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي ڪنارن وارا ڪيترائي ڳوٺ شامل آهن. سنڌ جا هزارين ماڻهو بي زمين، ٻي گهر ۽ دربدر ٿيا آهن. اهو سلسلو تيزي سان جاري آهي. هنن وڌيڪ چيو ته وفاق ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ چاهي ٿي. سنڌ جي حصي جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي اڳ ۾ ئي پنجاب جا حڪمران زبردستي کڻي ويا آهن. مٿان وري ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي سنڌ کي مڪمل طور تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.