سيٺارجا (ن ع آ)سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه سيٺارجا ۾ ورڪر ڪنويشن کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ حڪومت سنڌ جون سون جهڙيون زمينون ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جو پاڻي اقتدار عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو آھي. هن وقت سڀ کان ضروري اهو آھي ته گڏجي ڪرپٽ ٽولي مان جان ڇڏايون، هن جي لاءِ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جا هٿ مضبوط ڪيو، سنڌ اندر سياسي يتيمن جي ٽولي لٽ مار ڪري ماروئڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ورڪر ڪنويشن کي مرڪزي نائب صدر روشن ٻرڙو، جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا، جماعت اسلامي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سڪريٽري ممتاز حسين سهتو، سکر ڊويزن جي صدر بشير احمد لنڊ، فياض خمساڻي، رسول بخش سهتو مورند ميرواهي، ذوالفقار سومرو سميت ٻين اڳواڻن خطاب پڻ ڪيو.