اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لاءِ هاڻ امتحان آهي، عزت بچائي يا واڌ وٺي، هن چيو آهي ته اسپيڪر کي پارليامينٽ مان گرفتارين جو معاملو استحقاق ڪميٽي حوالي ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ جو استحقاق مجروح ٿيو آهي ، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي بدقسمتي آهي ته اڄ نام نهاد جمهوري حڪومت جي موجودگي ۾ ڪارا قانون ٺاهيا پيا وڃن جيڪي مارشل لا جي بدترين دور ۾ به نه هئا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جلسي لاءِ انڌا ۽ ڪارا قانون ٺاهي رهي آهي، حڪمرانن اسلام آباد ۾ عوام جي فري اسيمبلي جي آئيني حق کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت نه پر آمريت آهي، اسان، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر هڪ ايس ايڇ او جي مار آهيون،