پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواه جي سياحت واري مشير زاهد چن زيب چيو آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ 60 سيڪڙو ڪاروبار فوج ڪري ٿي. اسان پوئتي رهجي ويا آهيون جڏهن ته فوج اڳتي نڪري وئي آهي. خيبرپختونخواه اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جو ملڪ نقصان ۾ آهي پر هي فائدي ۾ آهن، هنن جو ڪاروبار سون ۽ اسان جو مٽي ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته هي چون ٿا ته اسان ادارن ۾ مداخلت نه ٿا ڪيون، سياحت ۾ برگيڊيئر سميت فوج جو هر ماڻهو مداخلت ڪري ٿو. هن چيو ته نگران حڪومت ۾ به پي ٽي ڊي سي تي هنن جو قبضو هو. هو هر هنڌ ڪاروبار ڪن ٿا، ڪاروبار سان هنن جو ڪهڙو ڪم آهي؟ ڪاروبار ته عوام جو ڪم آهي پر هتي گرين پاڪستان جي نالي تي هنن پنهنجا ڪاروبار کوليا آهن. عوام حڪومت کي ٽئڪس ڏئي ٿو پر هنن جي ٽئڪس جي ڪا خبر ئي ناهي. هنن کي به پنهنجي ڏنل ٽئڪس ظاهر ڪرڻ گهرجي.
-
ڪملا هيرس صدر ٿي ته اسرائيل تباهه ٿي ويندو: ڊونلڊ ٽرمپ
واشنگٽن ( م ڊ ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هيرس صدر ٿي ته اسرائيل تباهه ٿي ويندو. ڪملا هيرس چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، جڏهن ته منهنجو سمورو ڪيريئر اسرائيل جي حمايت ۾ گذريو آهي. آمريڪي صدارتي چونڊن کان اڳ صدارتي اميدوارن ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس وچ ۾ پهريون مباحثو ٿيو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ مهانگائي وڌي آهي جڏهن ته منهنجي حڪومت دوران آمريڪي خوشحال هئا.ڪملا هيرس چيو ته هوءَ هميشه وچولي طبقي لاءِ آواز اٿاريو آهي ، جڏهن ته ٽرمپ وٽ ڪوبه نئون منصوبو ناهي. اسان جي حڪومت اڳ ئي ان منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪو ٽرمپ ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته ٽرمپ جو منصوبو رڳو اميرن لاءِ آهي ۽ ٽرمپ جي دور ۾ هر طرف افراتفري هئي. ٽرمپ اسان کي لاءِ مهانگائي ۽ ڏکيائيون ڇڏي ويو. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ماڻهو مون کي بهترين پاليسي جو ڪريڊٽ ڏين ٿا ۽ اسان مهانگائي کي چڱيءَ طرح قابو ۾ رکيو آهي. هر روز لکين ماڻهو غير قانوني طور آمريڪا ۾ داخل ٿي رهيا آهن. ڪملا ۽ جو بائيڊن آمريڪا کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيا آهن. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته مون ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. ڪملا هيرس چيو ته ٽرمپ جمهوريت تي وڏو حملو ڪيو آهي. ننڍي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ منهنجو شوق آهي. ٽرمپ جي دور ۾ اسان واپاري جنگون ڏٺيون آهن ۽ ٽرمپ هميشه ارب پتي ماڻهن کي ٽيڪس کان بچايو. عوام چاهي ٿو ته آمريڪا کي متحد ڪيو وڃي.
-
ڪارساز حادثو، منشيات ڪيس ۾ دليل مڪمل، فيصلو محفوظ
ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ڪارساز حادثي جي مک جوابدار نتاشا جي منشيات واري ڪيس ۾ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. فيصلو 13 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر منشيات ڪيس ۾ ضمانت رد ڪري چڪي آهي.
-
ڪورنگي ۾ ڪيميڪل فيڪٽريون قائم ڪرڻ خلاف درخواست
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورنگي جي رهواسي جهانگير راڄپر پاران رهائشي علائقن ۾ ڪيميڪل فيڪٽريون قائم ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڪي ايم سي، ايس سي بي اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو . درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڪورنگي جي رهائشي علائقن ۾ ڪيميڪل فيڪٽريون قائم ڪيون ويون آهن، جنهن سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن ۽ آب ھوا به خراب ٿي وئي آهي، رهائشي علائقي ۾ واپاري سرگرميون غير قانوني آهن.
-
باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، پوليو ورڪر ۽ پوليس اهلڪار شهيد
باجوڙ ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ پوليو ورڪر مارجي ويو.رپورٽ موجب فائرنگ جو واقعو باجوڙ جي علائقي سلرزئي ۾ پيش آيو، پوليس جو چوڻ آهي ته سلرزئي ۾ پوليو ٽيم تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي.حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.