جيڪب آباد ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندڙ ناري سان اجتماعي زيادتي\وڏي وزير نوٽيس ورتو

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد جي علائقي ڳوٺ الله بخش جکراڻي ۾ هٿياربندن پوليو ورڪر کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو،  پوليو ورڪر جو موبائل نمبر بند ٿيڻ بعد انتظاميا لوڪيشن ٽريس ڪري پوليو ورڪر کي آزاد ڪرائي ورتو، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ظهور مري جو چوڻ آهي ته ناري سميت ٻن پوليو ورڪرن کي اغوا ڪيو ويو، موبائل نمبر بند ٿيڻ بعد لوڪيشن ٽريس ڪري ورڪرن کي آزاد ڪرايو آهي، ڊي سي وڌيڪ ٻڌايو ته پوليو ورڪر کي ٻن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي اجتماعي  زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، پوليس ڪارروائي ڪري رهي آهي. ٻئي طرف واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽڙي سنڌ سيد آصف حيدر شاهه به پوليو ورڪر سان اجتماعي زيادتي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان رپورٽ طلب ڪندي پوليو ورڪرن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.