ڪراچي(رپورٽر) ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 76 ورسي جي موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، ٽنهي هٿياربند فوجن جي نمائندن ۽ ڪي پي ٽي جي چيئرمين سيد الدين رضا زيدي به مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.ٻي پاسي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي تعليم ۽ هدايت تي عمل ڪري مضبوط ۽ خوشحال بڻائي سگهجي ٿو، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته قائداعظم سان محبت ۽ عقيدت جي تقاضا اها آهي ته قائداعظم جي فڪر تي عمل ڪيو وڃي.