ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم واري معاملي تي سنڌ حڪومت اهو ئي ڪندي جيڪو سنڌ جو عوام چاهيندو، سنڌ اسيمبلي ڪالاباغ ڊيم خلاف به گڏيل ٺهراءُ منظور ڪيو هو، ملڪ خلاف ٿيندر اندروني سازشن جو اتحاد ذريعي مقابلو ڪنداسين، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪالهه گورنر ڪامران ٽسوري سان گڏجي مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته هيل سڄي سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون، برساتن سبب سامونڊي پٽي ۽ کيرٿر رينج ۾ وڏو نقصان ٿيو، هن چيو ته برساتن سبب ڪراچي جي روڊ رستا به ٽٽا آهن، ميئر ڪراچي فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي، ڪراچي جا روڊ رستا تعمير ڪرڻ چاهيون ٿا، ان موقعي تي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته اڄ پاڪستان پنهنجي تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺو آهي، قائد اعظم جي نظريي تحت ملڪ ۾ شدت پسندي ۽ انتهاپسنديءَ جي ڪا به جاءِ نه آهي، موجوده حڪومت ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.