ناانصافين جو ازالو ٿئي ها ته استعيفيٰ تي افسوس جي نوبت نه اچي ها: اختر مينگل

ڪوئيٽا ( م ڊ )  بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته  نهايت ئي احترام سان چئي رهيو آهيان ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، جتي پرامن احتجاج ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته لياري ۽ ملير جا مرد توڙي عورت هميشه پيپلزپارٽي کي ووٽ ڪندا آهن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته احتجاج ڪرڻ تي انهن مٿان تشدد ڪيو ويو، هن چيو ته پنهنجي استعيفيٰ تي افسوس ڪرڻ بجاءِ بلوچستان جي مسنگ پرسن ، زيادتين ۽ بلوچ نسل ڪشي تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته اڄ ان جو ازالو ڪيو وڃي ها ته افسوس ڪرڻ جي نوبت نه اچي ها، سردار اختر مينگل چيو ته افسوس ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جهڙين پارٽين هن ملڪ کي هتي تائين پهچڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو اوهان مونکي ان حد تائين پهچايو آهي اڄ منهنجا ووٽر منهنجي استعيفيٰ ڏيڻ تي خوشي ملهائي رهيا آهن، هي منهنجي ووٽرن ۽ بلوچستان جو فيصلو آهي ۽ ان ڳالهه تي سوچڻ گهرجي ته ان حد تائين پهچائڻ ۽ هي مطالبو ڪرڻ تي ڪهڙي شيءَ مجبور ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.