ڪارونجهر کي ورثو ڇو نه ٿا بڻايو، درگاهن جا پئسا حڪومت ڇو ٿي کڻي؟ \سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ تاريخي ماڳن تي قبضن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت 60 ڏينهن اندر بورڊ آف روينيو، اوقاف کاتي ۽ ڪلچر کاتي کي سنڌ جي سموري درگاهن ۽ تاريخي ماڳن جي زمين جو نقشو ٺاهي ۽ حدبندي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل سهيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي تاريخي درگاهن ۽ ماڳن موهن جو دڙو، رني ڪورٽ سميت ٻين ماڳن جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، عدالت روينيو عملدارن کان پڇاڻو ڪندي چيو ته تاريخي ماڳن جي زمين جو اوهان وٽ رڪارڊ موجود آهي؟، روينيو عملدارن چيو ته ماڳن جي زمينن جي ماپ  جو رڪارڊ ۽ نقشي لاءِ 60 ڏينهن مهلت ڏني وڃي. عدالت اوقاف کاتي کان پڇاڻو ڪندي چيو ته درگاهن جا پئسا ڪهڙي کاتي ۾ ٿا وڃن؟ اوقاف عملدار چيو ته سنڌ حڪومت جي ٽريزي ۾ جمع ٿيندا آهن، عدالت چيو ته درگاهن جا پئسا ته ٽرسٽ جا آهن، اهي پئسا سنڌ حڪومت وٽ ڇو ٿا وڃن؟ عدالت چيو ته اهيو ته اوهان وڏو ڏوهه ڪري رهيا آهيو، توهان خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، اوقاف کاتي جي عملدارن چيو ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٽرسٽ قائم ٿيل آهن جنهن ذريعي غريب مريضن جي علاج ۾ مدد ڪندا آهيون. جسٽس امجد علي سهتو چيو ته ڪارونجهر کي عالمي ورثو ڊڪليئر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڇو نه جاري ڪيو ويو آهي. ڪلچر کاتي جي عملدارن چيو ته اسان سمري اعليٰ اختيارين کي موڪلي رهيا آهيون، عدالت چئن هفتن لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.