لاسز لڪائڻ لاءِ بجلي واپرائيندڙن کان 8 ارب رپين کان وڌيڪ ناجائز اوڳاڙي

حيدرآباد(رپورٽر)بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جو لائين لاسز کي لڪائڻ وارو ڪارنامو سامهون اچي ويو آهي، ملڪ اندر بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين نيشنل گرڊ مان ملندڙ يونٽ گهٽ ۽ بلنگ وڌيڪ ڏيکاري آهي جنهن  سان صارفن کان 8 ارب روپين کان وڌيڪ رقم اوڳاڙي وئي آهي، ان ڏس ۾ جاري ڪيل آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين صارفن کي 8 ارب روپين جو چونو هڻندي ناجائز اوڳاڙي ڪئي آهي، جنهن ۾ حيسڪو، فيسڪو، گيپڪو، ليسڪو، ميپڪو ۽ پيسڪو صارفن کان غيرقانوني طور رقم اوڳاڙي ڪرڻ ۾ ملوث نڪتيون آهن، رپورٽ موجب حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپنيءَ هڪ ارب 73 ڪروڙ، 20 لک، پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپنيءَ 2 ارب 39 ڪروڙ 60 روپيا جڏهن ته لاهور ۽ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپنيءَ مجموعي طور 3 ارب روپين کان وڌيڪ اور بلنگ ڪري غيرقانوني طور ڪمايو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيسڪو، گيپڪو ۽ ڪيسڪو طرفان به اوور بلنگ ڪئي وئي آهي، بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي انتظاميا لائين لاسز کي پورو ڪرڻ لاءِ اوور بلنگ ڪئي جن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.