سنڌ اسيمبلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ،حيسڪو،سيپڪو خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اڱاري ڏينهن جي  اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾  خيبر پختون خواہ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف پ پ ايم پي اي سعديا جاويد پاران  پيش ڪيل ٺهراءُ اڪثريت سان منظور ڪيو ويو ، جڏهن ته آغا سراج دراني جي تقرير دوران پي پي پي ۽ پي ٽي آئي ميمبرن جي وچ م ڏند چڪ به ٿيا. اجلاس ۾ سعديا جاويد علي امين گنڊاپور خلاف ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته اسلام آباد جي جلسي دوران علي امين گنڊاپور عورتن ۽ صحافين خلاف جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اها جاهلاڻي ٻولي ۽ مذمت جوڳي آهي.پ پ ايم پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني علي امين گنڊاپور کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گنڊاپور پٺاڻ آهي ته منهنجي رڳن ۾ به سنڌي پٺاڻ جو رت ڊوڙي رهيو آهي جيڪڏهن  گنڊاپور هتي آيو ته ان جو حشر خراب ٿيندو، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته هڪ صوبي جي وڏي وزير پاران عورتن ۽ صحافين خلاف اخلاق کان ڪريل ٻولي ڳالهائڻ  انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، هي ڏوهه علي امين گنڊاپور جو نه پر ان جي ليڊر جو آهي جنهن ان کي اهڙي سکيا ڏني آهي، ان کان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سجاد علي ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو  متفقه طور تي منظور ڪندي ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو سيپڪو جي عملدارن کي سنڌ اسيمبلي جي 11 رڪني ڪميٽي آڏو گهرائي کائن پڇاڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويواجلاس دوران ٻيهر ڳڻپ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سربلند خان جي ڊي سيٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪامياب قرار ڏنل پپيلزپارٽي اميدوار آصف موسا کي اسپيڪراويس قادر شاهه عهدي جو قسم کڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.