ملڪ ۾ وي پي اين کي بلاڪ نه پيو ڪيو وڃي: پي ٽي اي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ وي پي اين کي بلاڪ نه ڪيو پيو وڃي.پي ٽي اي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اها آئي ٽي ڪمپنين کي   پنهنجي آءِ پي ايڊريس وي پي اين تي رجسٽرڊ ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، سافٽ ويئر هائوسز، فري لانسرز ۽ بئنڪن کي به رجسٽر ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي.اختيارين موجب رجسٽريشن ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ تي آءِ ٽي ڪمپنين جي سروس متاثر نه ٿيندي.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته وي پي اين رجسٽريشن پي ٽي اي ۽ پي ايس اي بي ويب سائيٽن تي موجود آهن. رجسٽريشن ون ونڊو آپريشن آھي جيڪو 2 کان 3 ڏينھن ۾ مڪمل ٿيندو آھي.

  1. سنڌ حڪومت پاران جاپان کي سيڙپ ڪاري جي آڇ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه آمريڪا جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو . ڪراچي واپسي کانپوءِ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ساڻس ملاقات ڪئي جنهن ۾ انتظامي معاملن تي خيالن جي  ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جاپان جي سفير وادا مستوهيرو پڻ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي جاپاني سفير چيو ته پاڪستان جاپان کي گارمينٽس ۽ زرعي مصنوعات برآمد ڪري ٿو. جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جاپان کي انب برآمد ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. جاپاني سفير چيو ته سٺي معيار جي انبن جي جاپان ۾ سٺي مارڪيٽ آهي ۽ جاپاني سيڙپ ڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. مراد علي شاهه کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ نوان اقتصادي زون قائم ٿي رهيا آهن. وڏي وزير جاپاني سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي، ملاقات ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ متاثرين جي بحالي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مراد علي شاهه چيو ته موسمي تبديلين سبب سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برسات ٿي رهي آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير سنڌ اسيمبلي جي جاري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران هن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه سان سندس سيٽ تي وڃي ملاقات ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.