ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال جو ذميوار جيل ۾ ويٺل شخص آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ پي ٽي آءِ جي باني تي تنقيد ڪندي چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص چوي ٿو ته مان علي امين گنڊاپور سان گڏ آهيان. هن چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص هن ملڪ جي حالت جو ذميوار آهي، آصف علي زرداري 12 سال جيل ۾ گذاريا پر ادارن خلاف نه ڳالهايو. سنڌ جي سينيئر وزير وڌيڪ چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي تقرير جي مذمت ڪريون ٿا، هو سڄي صوبي جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته هن پارٽي اهڙو ماحول پيدا ڪيو جو سياسي دشمنيون ذاتي دشمني ۾ تبديل ٿيڻ لڳيون، توهان هميشه چور در جي سياست ڪندا آهيو.