لاهور ( بيورو+م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر کي بحال ڪري ڇڏيو ، لاهور هاءِ ڪورٽ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کي بحال ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري محمد اقبال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي وفاقي حڪومت طرفان وڪيل راشدي نواز پيش ٿيو.عدالت سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران وڪيل راشدي نواز موقف اختيار ڪيو ته نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر جي مقرري ضابطن موجب ڪئي وئي، وفاقي حڪومت نادرا جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ کانپوءِ ضابطن موجب نئين مقرري ڪئي، سليڪشن ڪميٽي 6 اميدوارن جي ميرٽ موجب مقرري جي منظوري ڏني وئي.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي ڪابينا نئين مقرري ضابطن ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
-
ڪوسٽ گارڊن پاران تلاشي معاملي تي علي مدد جتڪ ۽ مير اسد تيز ٿي ويا
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪوسٽ گارڊن طرفان بيلا ۾ مسافرن کي ڪيترائي ڪلاڪ روڪي تلاشي وٺڻ جي معاملي تي زراعت واري صوبائي وزير علي مدد جتڪ ۽ اسيمبلي ميمبر مير اسد الله بلوچ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر عبدالخالق خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ ٿيو، بلوچستان اسيمبلي ميمبر مير اسدالله بلوچ اعتراض واري نقطي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان کان ڪراچي ويندڙ مسافرن کي بيلا ۾ ڪوسٽ گارڊ پاران تلاشي جي نالي تي تنگ ڪيو پيو وڃي. هتان کان ڪراچي ويندڙ مريضن کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڪيو وڃي ٿو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته ڪوسٽ گارڊ عملدارن، اپوزيشن ليڊر ۽ اسد بلوچ کي گهرائي مسئلي جو حل ڪڍنداسين. هن يقين ڏياريو ته ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي زراعت واري صوبائي وزير علي مدد جتڪ چيو ته جڏهن اسد بلوچ گذريل حڪومت ۾ وزير هو تڏهن به ڪوسٽ گارڊ مقرر هئا، ان وقت اسد بلوچ اهي ڳالهيون ڇو نه ڪيون؟ علي مدد جتڪ جي ان ڳالهه تي اسدالله بلوچ ۽ علي مدد جتڪ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. بعد ۾ اسپيڪر اسيمبلي جي ڪارروائي مان غير پارلياماني لفظ ختم ڪرائي ڇڏيا جنهن بعد اسيمبلي جو اجلاس 12 سيپٽمبر تي منجهند 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.