چيف جسٽس چيو مدي ۾ واڌ ڪنهن فرد لاءِ آهي ته قبول ناهي: سيڪريٽري

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس سان آف دي رڪارڊ گفتگو غلط رپورٽ ڪئي وئي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٻه ڏينهن اڳ صحافين سان ٿيل غير رسمي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق احمد پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس سان ٿيل آف دي رڪارڊ گفتگو کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان هڪ صحافي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت سوال ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪيترائي مهينا اڳ قانون وارو وزير، اعظم نذير تارڙ چيمبر ۾ ملاقات لاءِ آيو هو، جنهن چيو ته چيف جسٽس جي مدي ۾ ٽن سالن تائين واڌ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس صحافين جي سوال جو جواب ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن تجويز ڪنهن هڪ فرد لاءِ آهي ته قبول نه هوندي، سيڪريٽري چيف جسٽس موجب قانون واري وزير جي چيف جسٽس سان ملاقات ۾ اٽارني جنرل ۽ جسٽس منصور علي شاهه به موجود هئا.هن چيو ته قانون واري وزير ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جي حيثيت جو ذڪر ڪيو، قانون واري وزير چيو ته ججن جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي کي هڪ بڻايو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو پارليامينٽ جي صوابديد آهي، ڊاڪٽر مشتاق احمد چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ججن جي مقرري لاءِ نئين تجويز ڪيل باڊي ۾ اپوزيشن ميمبرن کي نه ڇڏيو وڃي.هن چيو ته راڻا ثناءُ الله جي بيان تي صحافي طرفان فالو اپ سوال پڇيو ويو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته راڻا ثناءُ الله سان نه ملاقات ڪئي آهي ۽ نه ئي سندس بيان جي خبر آهي، جيڪڏهن ان حوالي سان ڪو سوال آهي ته پوءِ. لاڳاپيل شخص سان ڪيو وڃي. هن چيو ته چيف جسٽس کان ججن جو انگ وڌائڻ بابت به سوال پڇيو ويو، جنهن تي چيف جسٽس جو جواب هو ته پهرين خالي پوسٽون ڀرڻ گهرجن.سيڪريٽري پنهنجي بيان ۾ چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته آف دي رڪارڊ گفتگو کي غير ضروري ۽ غلط نشر ڪيو ويو، قانون واري وزير ڪڏهن به چيف جسٽس سان خانگي ملاقات ناهي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.