پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي سياست ۾ ادارن جي مداخلت خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، ڪالهه خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سليم بابر سواتي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايوان ادارن جي سياست ۾ مداخلت خلاف ٺهراءُ اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هر ادارو پنهنجو ڪم پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪري، فوج جي لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا پر ڪجهه آفيسرن جي ضد ۽ مفاد پرستيءَ جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي، قرارداد ۾ چيو ويو ته جيڪي آفيسر سياست ۾ ملوث آهن انهن کي سياست کان پري رهڻ گهرجي ۽ سياست کي فوج جي مداخلت کان آزاد ڪيو وڃي، قرارداد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ڪارروائي جي مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي تي حملي جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ قيادت کي جلد آزاد نه ڪيو ويو ته صورتحال جا ذميوار فوج جا ڪجهه آفيسر هوندا.