اسلام آباد(اعزاز سيد)پي ٽي آءِ جي اسلام آباد واري جلسي کان اڳ حڪومت پورو اسلام آباد شهر بلاڪ ڪري ڇڏيو،29 جاين تي ڪنٽينر هنيا ويا، جلسي واري ڏينهن انٽرنيٽ ۾ وڏو خلل رهيو،ميڙاڪي ۾ حماد اظهر به منظرعام تي اچي ويو،جنهن مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ سان مليل آهن،جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ انتظاميا وڏا هٿ پير هنيا،ڪيترن ئي هنڌن تي موٽروي ۽ جي ٽي روڊ بند ڪيو ويو،ڪي پي مان ماڻهو روڪڻ لاءِ اٽڪ پل به بند ڪئي وئي،ايستائين جو پنڊي اسلام آباد جا چور رستا به بند ڪيا ويا،رڪاوٽن باجود ماڻهو وڏي انگ ۾ پهتا،ماڻهو روڪڻ جي خدشي سبب پي ٽي آءِ جي اسٽيڪرن ۽ جهنڊن کان بغير آيا،جلسن بابت ٻه ڏينهن اڳ منظور ڪرايل بل جي پهرين ٻن ڪلاڪن ۾ ئي پورو شهر بند ڪري اسلام آباد انتظاميا ڀڃڪڙي ڪري ڇڏي،شهري زندگي مفلوج ڪرڻ تي چيف ڪمشنر،ڊي سي اسلام آباد ۽ پوليس سربراهه تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي،جڏهن ته جلسي ۾ محمود اچڪزئي پي ٽي آءِ کي صلاح ڏني ته توهان جي سياسي تربيت جي ضرورت آهي، توهان کي جلسن جي حوالي سان منظم هئڻ گهرجي، سدائين بدانتظامي ٿيندي آهي،توهان جو اڳواڻ جيل ۾ آهي، وڏي سطح تي احتجاج ڪرڻ گهرجي،