ڊاڪٽر رٿ فائو سڄي ڄمار انسانيت لاءِ وقف ڪري ڇڏي \مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر ڪيٿرينا رٿ فائو جي 95هين سالگرہ تي کيس دل جي گهرائين سان  خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر ڪيٿرينا رٿ فائو پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪوڙهه جي مرض جي خاتمي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو جي دل هميشه انسانيت لاءِ ڌڙڪي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار انسانيت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو انسانيت جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ اسان کي گهرجي ته ان جي نقش قدم تي هلندي محبت ۽ خلوص جي دنيا قائم ڪريون ڇاڪاڻ ته سندس شخصيت اسان لاءِ مشعل راهه آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان جي خوش قسمتي آهي ته قدرت اسان کي اهڙي انمول شخصيت سان نوازيو آهي، اهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن، سنڌ جو عوام سندن خدمتن کي هميشه ياد رکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.