گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مھر) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي انچارج جج ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي عبدالقدوس ميمڻ جي عدالت ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪيس جي فريادڻ امان پٺاڻي ۽ جوابدار ڄاڻايل خالد لنڊ ۽ سندس پٽ شهباز ۽ نور محمد لنڊ پيش ٿيا، ان موقعي تي ڪيس جي نئين جاچ آفيسر تنوير تنيو جاچ لاءِ 15 ڏينھن جي مهلت جي درخواست داخل ڪرائي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي، جوابدار ڌر جي وڪيل عدالت کي جوابدار اصغر لنڊ جي علاج جي اجازت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، عدالت زباني استدعا رد ڪندي چيو ته جيڪو قانوني طريقيڪار آھي ان تحت لکت ۾ درخواست داخل ڪرايو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.